سنڌي ساهت جا سورما

سنڌي ساهت جا سورما

سنڌي ساهت جا سورما

سنڌي ساهت جا سورما (ڪتاب): هي ڪتاب، ليکڪ ميول آهوجا جي ادبي ليکن جو مجموعو آهي، ڪتاب جو مهاڳ برک ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار گوبند مالهيءَ لکيو آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، پرڀو وفا، پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي، ڄيٺي لالواڻي، ڀڳوان نردوش، واسديو موهي ۽ هولا رام هنس، جي ادبي خدمتن تي روشني وڌل آهي، ’ليکڪ جي قلم مان‘ عنوان هيٺ ميول آهوجا ڄاڻايو آهي ته هن ڪتاب ۾ مون انهن اديبن ۽ شاعرن کي شامل ڪيو آهي، جن جي ادبي يوگدان (Contribution) سنڌي قوم جي ادب کي مالا مال ڪيو آهي ۽ اهي ٻهڳڻي (گهڻ رخي) شخصيت جا مالڪ آهن ۽ کين هند- سنڌ ۾ مڃتا مليل آهي. گوبند مالهيءَ، مهاڳ ۾ ميول آهوجا جي سنڌي ٻولي، ادب ۽ تهذيب جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ جي تحريڪ سان ورهين جي ساٿ جو تفصيل ڏيندي، سندس تعليمي ميدان ۾ هڪ استاد کان پرنسپال تائين خدمتن، سندس لکيل ڪتابن ۽ هن ڪتاب جي اهميت تي روشني وڌي آهي. ڪرائون سائيز جي 210 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، آهوجا پبليڪيشن، احمد آباد جي ڪرشن آهوجا، 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن جي قيمت 45 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو